سائنس بخشي سونهن

سائنس بخشي سونهن

سائنس بخشي سونهن

سائنس بخشي سونهن (ڪتاب): ٻارن لاءِ شاعريءَ تي مشتمل هي ڪتاب نامياري شاعر غلام محمد غازيءَ جو تخليق ڪيل آهي. هن ڪتاب ۾ ’سائنس‘ سان لاڳاپيل معلومات تي آڌاريل 50 کن سهڻا نظم شامل آهن. هر نظم سان گڏ تصويرون ۽ اسڪيچ به ڏنل آهن. هن ڪتاب بابت نامور شاعر نثار بزميءَ جا تاثرات ۽ ناشر سنڌي ادبي بورڊ جي اڳوڻي سيڪريٽري انعام شيخ جا ٻه اکر شامل آهن، جڏهن ته بئڪ ٽائيٽل تي اياز گل جو شاعر بابت تعارف ڏنل آهي.
چار رنگي ڪچي ٽائيٽل سان ڇپيل هن ڪتاب ۾ 60 صفحا شامل آهن ۽ ڪتاب جي قيمت 50 روپيا آهي. هي ڪتاب سنڌي ادبي بورڊ 2004ع ۾ ڇپيو آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو